سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 6

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 6

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 6

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-6 (ڪتاب): سنڌي لوڪ ڪهاڻين جو هي ڇهون جلد به ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ترتيب ڏنو آهي. هن جلد ۾ جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون شامل آهن. هي لوڪ ادب سلسلي جو ڇويهون (26) ڪتاب آهي، جنهن جو بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو. سڄو مواد چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏئي اپريل 1962ع ۾ ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو ويو ۽ اپريل 1963ع ۾ مسودي جي آخرين تصحيح ڪري پريس ڪاپي شايع ٿيڻ لاءِ ڏني وئي.
هن جلد ۾ شامل جانورن ۽ پکين جون ڪهاڻيون، ٻين لوڪ ڪهاڻين کان سٽاءَ ۾ نراليون آهن ۽ اڪثر آکاڻيون ٻارن جي وندر ۽ نصيحت بابت آهن. مرڪزي خيال جي لحاظ کان هن جلد ۾ شامل 66 ڪهاڻين کي هيٺين موضوعن هيٺ ورڇيو ويو آهي:
• حرف ۽ چالاڪي (آکاڻي نمبر 1، 3، 6، 8، 10، 12، 13، 36، 37، 40، 43)
• دوستي ۽ محبت (آکاڻي نمبر 18، 31، 32، 33، 35، 41، 42، 50، 51، 52، 54، 57، 58 ۽ 59)
• جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي (آکاڻي نمبر 4، 5، 7، 9، 11، 17، 18، 20، 34، 46 ۽ 61)
• وندر (آکاڻي نمبر 15، 19، 21، 25، 27، 29، 49، 56، 60، 62، 63، 64، 65، 66)
• بيوقوفي ۽ خودثنائي (آکاڻي نمبر 2، 16، 38، 45)
• نصيحت (آکاڻي نمبر 14، 26، 30، 39، 55)
• هٻڇ ۽ لالچ (آکاڻي نمبر 23، 24، 44)
هن آکاڻين جي ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1964ع ۾، ٻيو ڇاپو 1989ع ۾، ٽيون ڇاپو 1993ع ۾، چوٿون ڇاپو 2004ع ۾، پنجون ڇاپو جولاءِ 2004ع ۾، ڇهون ڇاپو فبروري 2007ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
ڊيمي سائيز جي 171 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي آخري ڇاپي جي قيمت 70 روپيا آهي. هي ڇاپو 2007ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو